يومِ عاشور: حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتمي جلوس ۽ مجلسون

ڪراچي: ڪربلا جي رڻ ۾ اسلام جي سربلنديءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يوم عاشور جا ماتمي جلوس روان دوان آهن.

ڪراچي ۾ نشتر پارڪ ويجهو شاهه خراسان امام بارگاهه مان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو آهي، ايم اي جناح روڊ کي نمائش چورنگي کان ٽاور تائين ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو

مرڪزي ماتمي جلوس جي گذر گاهن تي عزادارن لاءِ سبيلون لڳايون ويون، ننگر نياز جا به انتظام ڪيا ويا، جلوس جي گذرگاهه وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل آهي.

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن مان به يوم عاشور جا ماتمي جلوس برآمد ٿيا آهن.

سنڌ جون وسنديون ۽ واهڻ به يا حسين جي صدائن سان گونجي رهيا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوسن دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

وزيرعظم شهباز شريف چيو آهي ته يومِ عاشور سموري دنيا لاءِ تاريخي ۽ روحاني اهميت رکي ٿو، حضرت امام حسين جي شهادت ظلم، جبر ۽ ناانصافيءَ خلاف مهاڏو اٽڪائڻ جو درس ڏئي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔