بنون ڇانوڻيءَ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 8 فوجي جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد به مارجي ويا

خيبر پختونخواهه جي بنون ڇانوڻيءَ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 8 فوجي جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد به مارجي ويا

 آءِ ايس پي آر موجب 15 جولاءِ جي صبح تي 10 دهشتگردن جي گروپ بنون ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڇانوڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ڇانوڻيءَ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ 8 بهادر جوان شهيد ٿي پيا، ڪليئرنس آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا

 دليراڻي ويڙهه دوران شهيد ٿيل جوانن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظِل حسين، حوالدار شهزاد احمد ۽ سپاهي اشفاق حسين شامل، سپاهي سبحان مجيد، امتياز خان، ارسلان اسلم ۽ ايف سي جي لانس نائڪ سبز علي به شهادت ماڻي

 آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرديءَ جي اها ڪُڌي ڪارروائي حافظ گل بهادر گروپ ڪئي آهي، دهشتگردن جو اهو گروپ افغانستان مان ڪم ڪري ٿو، ماضي ۾ به اهو گروپ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪندو رهيو آهي

پاڪ فوج پاران جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته افغانستان جي عبوري حڪومت اهڙين ڌرين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري، هٿياربند فوجون دهشتگرديءَ جي لعنت خلاف وطن ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪنديون رهنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔