سنڌ سميت سموري ملڪ مان نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، موبائيل فون سروس معطل

سنڌ سميت سموري ملڪ مان نائين محرم جا ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي، مختلف شهرن ۾ موبائيل فون جو نيٽ ورڪ بند پيل آهي

ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس جي لنگهه وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل، دادو، ميهڙ، خيرپور، ڀريا سٽي، ٽنڊو باگو ۽ ٻين شهرن ۾ به موبائيل فون سروس بند،  ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندو

 مرڪزي ماتمي جلوس امپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ ۽ تبت سينٽر کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيه ايرانيان کارادر ۾ نهر ٿيندو، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ماتمي جلوس جي گذر گاهه وارن هنڌن جو دورو ڪيو

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ڊي آءِ جي سائوٿ ۽ ٻين صوبائي گهرو وزير کي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جلوس جي گذر گاهن وارين عمارتن تي سنائيپر  مقرر هوندا

جلوس جي گذرگاهن کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي، صوبائي گهرو وزير چيو ته ماتمي جلوسن توڙي مجلسن جي موقعي تي شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔