آمريڪا پاران تحريڪ انصاف تي پابنديءَ واري حڪومتي اعلان تي ڳڻتيءَ جو اظهار

آمريڪا پاران تحريڪ انصاف تي پابنديءَ واري حڪومتي اعلان تي ڳڻتيءَ جو اظهار، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر واشنگٽن ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان ۾ سياسي جماعت تي پابندي بابت اسان حڪومت جا بيان ڏٺا آهن، اها هڪ منجهيل سياسي عمل جي شروعات آهي

هن چيو ته ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ اسان لاءِ يقينن ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي، آمريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ جمهوري ۽ شهري حقن جي احترام تي زور ڀريندو رهيو آهي

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسان انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ جي احترام سميت آئيني ۽ جمهوري اصولن جي پرامن پاسداري جي حمايت ڪيون ٿا

هن چيو ته اسان آمريڪا جيان پاڪستان ۾ به سياسي تشدد خلاف ڳالهايو آهي ۽ جمهوري حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، گذريل ڏينهن وفاقي وزير عطا تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ واري حڪومتي فيصلي جو اعلان ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔