رانديگرن لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي قرار ڏني وئي

لاهور : پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽ ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي بهتري لاءِ وڏن فيصلن جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٽن ڪلاڪ ڊگهو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو.  بورڊ گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي کي به سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل ڪري ورتو ۽ هر رانديگر جي هر ٽن مهينن بعد فٽنس ٽيسٽ لازمي قرار ڏني جڏهن ته بورڊ فيصلو ڪيو ته هر رانديگر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لازمي کيڏڻي پوندي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي طريقيڪار کي سليڪشن ڪميٽي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي رقم في الحال گهٽائي ويندي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگرن جي ڪارڪردگي ۽ فٽنس جو هر سال جائزو ورتو ويندو، ڪانٽريڪٽ جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ رانديگرن جي شموليت واضح ڪيل طريقيڪار تحت ٿيندي، فٽنس ۽ پرفارمنس جي معيار تي پورو لهندڙ رانديگر کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو، معيار تي پورو نه لهندڙ رانديگرن لاءِ ڪا جڳهه نه هوندي. پي سي بي چيئرمين چيو ته ڊسپلن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ رانديگرن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي هوندي، ٽيم جي اندر ٻڌي ۽ اتفاق نظر اچڻ گهرجي، ٽيم گروپنگ ڪندڙ رانديگرن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان معاملي تي مئنيجمينٽ کي سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. محسن نقوي چيو ته ڊسپلن جي ڀڃڪڙي تي ڪنهن به رانديگر بابت منهنجي سفارش به نه مڃي وڃي. پي سي بي چيئرمين پشاور ۽ اسلام آباد ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان سلسلي ۾ گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي حتمي رپورٽ پيش ڪندا. هن چيو ته گيري ڪرسٽن ۽ جيسن گليسپي مڪمل بااختيار آهن، مٿن پورو اعتاد آهي، کين فري هينڊ ڏنو آهي، اميد آهي ته ٻئي بهترين نتيجا ڏيندا. ٻئي پاسي ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ محمد يوسف، اسد شفيق، عثمان واهلا ۽ نديم خان کي ذميواري سونپي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔