شاهين آفريدي جي گهر نئين مهمان جي اچڻ جو امڪان

ڪراچي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي جلد ننڍڙا مهمان اچي رهيو آهي، اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي جلد نانو بڻجي ويندو. قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته فاسٽ بالر ٻار جي ڄمڻ سبب بنگلاديش خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.سندس چوڻ هو ته شاهين آفريدي کي ڪجهه هفتن ۾ ٻار ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري روايتي انداز ۾ جيڪڏهن هو ٻار جي ڄمڻ تائين زال سان گڏ رهڻ چاهي ته کيس آرام ڏئي سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔