ايڪس ۾ ‘ناپسند’ بٽڻ جو اضافو

نيويارڪ: ايڪس (ٽوئيٽر)۾ هڪ نئون ناپسنديده بٽڻ شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو جوابن جي درجه بندي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو،جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪمپني طرفان ڪو به اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر مختلف رپورٽن ۾ ناپسنديده بٽڻ جي خاصيت جو اشارو ڏنو ويو آهي.ان کي Downvote فيچر سڏيو ويندو آهي پر اهو ناپسنديده بٽڻ وانگر هوندو.هي بٽڻ X جي iOS ايپ جي ڪوڊ جي حوالي سان دريافت ڪيو ويو.هي بٽڻ هڪ ٽٽل دل جهڙو آئڪن ۾ هوندو ۽ X دل جي شڪل واري بٽڻ جي اڳيان رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔