فلور مالڪن جي هڙتال کي ٻيو ڏينهن،اٽي جي کوٽ جو خدشو

لاهور: ود هولڊنگ ٽيڪس خلاف فلور مل مالڪن جي هڙتال ٻئي ڏينهن به جاري آهي.پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو جائز آهي، اسان ٽيڪس ايجنٽ نٿا بڻجي سگهون.عاصم رضا چيو ته حڪومت اسان سان رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ايف بي آر ان حوالي سان ڪجهه چيو آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان، بهاولپور، سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ فلور مل مالڪن جي هڙتال آهي.هڙتال سبب مقامي مارڪيٽن ۾ فلور ملز مان اٽي جي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، مل مالڪن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رهندو.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته سڄي ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔