حريت ڪانفرنس پاران والاريل ڪشمير ۾ سڀاڻي هڙتال جي اپيل

سري نگر : آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ڪشميرين کي سڀاڻي ڪشمير شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميري 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن جي ياد ۾ سڀاڻي مڪمل هڙتال ڪن.آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ڪشميرين کي سرينگر قبرستان طرف مارچ ڪرڻ جي به اپيل ڪئي آهي.آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اعلان موجب هڙتال جو مقصد ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔