ٽيڪس لڳڻ کان پوءِ کنڊ، گيهه ۽ آئل جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد: حڪومت طرفان مختلف ٽيڪس لڳائڻ کان پوءِ عام مارڪيٽ ۾ کنڊ، گيهه، آئل ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

کنڊ جي في ٻوري 6700 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي هئي هاڻ اها 250 روپين جي اضافي سان گڏ 6950 روپين جي ٿي وئي آهي اهڙي طرح گيهه جي ڪارٽون تي 300 روپيه اضافو ٿي ويو آهي.

کليل آئل 380 مان وڌي 420 روپيه، مڱن جي دال 280 مان وڌي 340 روپيه، چڻن جي دال 280 مان 320 روپيه ٿي وئي آهي. ان کان علاوه اٽو، خشڪ کير، ڊٻي واري کير سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي، کنڊ، گيهه ۽ آئل جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.

عام مارڪيٽ ۾ اهو اضافو هٿ ٺوڪيو آهي يا پوءِ حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪسز ان جو سبب آهن پر انهي اضافي سان عام شهري جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته اڳ ئي تازو مهانگائي ۾ گذر سفر ڪرڻ مشڪل آهي اهڙي ۾ حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪسز عام ماڻهو کي 2 وقتن جي ماني حاصل ڪرڻ به مشڪل بنائي ڇڏيو آهي ان ڪري حڪومت نوان ٽيڪس ختم ڪري عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔