اسمگلنگ جو شڪار 400 ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو،سنيل شيٽي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين کي بچائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ اداڪار سنيل شيٽي انساني اسمگلنگ آپريشن بابت ڳالهائيندي چيو ته هن 400 ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو آهي.اداڪار چيو ته هو ۽ سندس ساس ڀارت ۾ هڪ اين جي او هلائيندا هئا جنهن کي ٽريفڪنگ چيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ وپلا فائونڊيشن ۾ تبديل ٿي ويو.سنيل شيٽي چيو ته هن ڪڏهن به ان بابت نه ڳالهايو ڇو ته اهو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اهي سڀ شيون وڏي وزير ۽ پوءِ پوليس ڪمشنر کان سواءِ اعليٰ خفيه ٽيم سان ٿيون.اداڪاره وڌيڪ چيو ته ان جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته مان هيرو ناهيان، پيغام ڏيندڙ آهيان ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن منهنجي مدد ڪئي پر اصل هيرو منهنجي ساس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔