قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو فارمولو تيار

لاهور : آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ بورڊ ۾ تبديليون شروع ٿي ويون آهن، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي نئين سليڪشن ڪميٽي جو فارمولو تيار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب قومي سليڪشن ڪميٽي ۾ ٻنهي فارميٽ جي ڪوچز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيسن گلسپي ۽ گيري ڪرسٽن سان گڏ محمد يوسف ۽ اسد شفيق به سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل هوندا.ذريعن موجب سليڪشن ڪميٽي ۾ ٽيم جي فارميٽ جو ڪپتان به شامل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔