ڊارڪ ويب مانيٽرنگ ٽول هاڻي سمورن واهپيدارن کي مفت ۾ دستياب

نيويارڪ : گوگل واهپيدارن لاءِ ڊارڪ ويبسائيٽ کان بچاءَ وارو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.ڊارڪ ويب رپورٽ نالي اهو فيچر گوگل ون سبسڪرائبرز تائين محدود هو، پر هاڻي کيس سمورن گوگل واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. يعني جيڪو فيچر پهريان واهپيدارن هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 209 رپيا خرچ استعمال ڪندا هئا، هاڻي اهو کين مفت ۾ دستياب َآهي. انهي فيچر جو مقصد پنهنجي ذاتي ڊيٽا کي مانيٽرنگ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، ته جيئن ڊيٽا ليڪس سان انهن جي پرائيويسي متاثر نه ٿي سگهي. فيچر کي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ گوگل جي رزلٽس ابائوٽ سيڪشن جو حصو بڻايو ويندو، 9 کان 5 گوگل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊارڪ ويب مانيٽرنگ ٽول هاڻي هر هڪ کي دستياب هوندو.\

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔