ڊو مور جو مطالبو،صوبن زرعي انڪم ٽيڪس جو مطالبو مڃي ورتو

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي نئين قرض پروگرام لاءِ ڊو مور جو مطالبو ڪري ڇڏيو.آءِ ايم ايف جي ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف چئني صوبن جي نمائندن سان ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف جي ماهرن هر صوبائي حڪومت سان الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي عملدار شامل هئا.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو قبول ڪري ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو. چارئي صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ تائين پلان جمع ڪرائينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح 6 لک کان وڌيڪ سالياني آمدني تي لاڳو ڪئي ويندي. زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح به نارمل انڪم ٽيڪس جي حساب سان لڳائي ويندي، وفاق ۽ صوبا زرعي آمدني تي هڪ پيج تي هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبن آءِ ايم ايف کي زرعي آمدني تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.ناڻي واري وزارت ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت آءِ ايم ايف سان به مثبت ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف خيبرپختونخواهه جي 100 ارب رپين جي اضافي بجيٽ کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔