تل الحوا ۾ اسرائيلي فوج جو حملو، وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد

غزه : غزه جي ڀرسان تل الحوا علائقي تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.غزه جي سول ڊفينس تل الحوا ۾ اسرائيلي حملن جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيل جي واپسي جو حڪم مصيبت جو سبب بڻجندو: اقوام متحده
گڏيل قومن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل پاران غزه شهر مان مڪمل طور تي نڪرڻ جو حڪم عوام کي اذيت جو سبب بڻائي رهيو آهي.غزه جي گهرو وزارت اسرائيل جي انخلا جي حڪمن کي شهرين جي خلاف ”نفسياتي جنگ“ جو هڪ روپ قرار ڏنو آهي.
اسرائيلي حملا دوحا ڳالهين ۾ رڪاوٽ بڻيل
ٻئي طرف قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهيون جاري آهن پر اسرائيلي حملن سبب 9 مهينن کان جاري جنگ ختم ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿي رهيون آهن.غزه ۾ گڏيل قومن جي تنصيبات ۽ اسڪولن کي اسرائيلي حملن جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔