حافظ نعيم آرمي چيف ۽ بيورو ڪريٽس کان اضافي مراعتون ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان آرمي چيف ۽ بيورو ڪريٽس کان اضافي مراعتون ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ هڪ ميڊيا گروپ جي مانجهاندي ۾ خطاب دوران حافظ نعيم چيو ته ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي، آرمي چيف اضافي مراعتون ڇڏڻ جو اعلان ڪري، بيورو ڪريٽس کان به غير ضروري مراعتون واپس ورتيون وڃن.

هن چيو ته پاڪستان مان دولت ۽ ماڻهو ٻئي واپس وڃي رهيا آهن، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، صرف سولر پينلز لڳرائڻ مسئلي جو حل نه آهي.

حافظ نعيم چيو ته بجلي جي قيمت کي گهٽ ڪيو وڃي، وڏا جاگيردار عيش ڪري رهيا آهن ۽ ننڍو هاري پيسجي رهيو آهي، جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته اسان جي ڌرڻي جو مقصد ماڻهن کي انهن جا حق ڏيارڻ آهي. جماعت اسلامي سوڀ نه ماڻي ته قوم ليٽي ويندي يا ڇڙوڇڙ ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔