وفاقي حڪومت نامزد آءِ ايس آءِ آفيسر کي ڪالز ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد: وفاقي حڪومت نامزد آءِ ايس آءِ آفيسر کي ڪالز ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.وفاقي ڪابينا حساس اداري جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪا سرڪيوليشن ذريعي ڏني وئي هئي.بيان موجب سمري جي منظوري قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا اهو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 54 تحت ڏنو آهي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اداري طرفان نامزدگي ڪندڙ آفيسر 18 گريڊ کان هيٺ نه هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔