محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش

لاهور: پنجاب ۾ محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي محرم الحرام دوران صوبي ۾ سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن لاءِ وفاقي گهرو سيڪريٽري کي خط اماڻيو ويو،خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته امن امان بابت ڪابينا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب ۾ 6 کان 11 محرم تائين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جون خدمتون معطل ڪيون وڃن.پوسٽ موجب فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، يوٽيوب، ٽوئيٽر ۽ ٽڪ ٽاڪ جون خدمتون معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي ان حوالي سان چيئرمين پي ٽي اي، آءِ جي پنجاب، ايڊيشنل آءِ جيز اسپيشل برانچ ۽ سي ٽي ڊي کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سوشل ميڊيا تي پابندي جو حتمي فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔