آپريشن عزم استحڪام ۾ سرحد پار دهشتگردن جي پناهگاهن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو: خواجه آصف

اسلام آباد:بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام تحت سرحد پار موجود دهشتگردن جي پناهگاهن کي به نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجه آصف چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو تڙتڪڙ ۾ نه ٿيو پر ملڪ ۾ اهڙو سياسي ماحول موجود آهي جو سياسي جماعتون پنهنجي مفادن آڏو حڪومتي فيصلن کي اسپيس نه ٿيون ڏيڻ چاهين

هن چيو ته آپريشن تي خدشا ختم ڪيا ويندا، اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ اهو اسان جو فرض به آهي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي، ڇو ته اتان پاڪستان ۾ دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي ۽ انهن جي سليپر سيل جا 4 هزار اهي ميمبر، جيڪي عمران خان جي حڪم تي واپس آندا ويا، پاڪستان ۾ بدامني پکيڙي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔