انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 70 پئسا ٿي ويو

ڪراچي : انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽربينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 62 پيسا تي هو، ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏيکاريو ويو، جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 80 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 312 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 232 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔