چين ۾ نوجوان ناري 80ورهين جي شخص سان شادي ڪري ڇڏي

بيجنگ: چين ۾ 23ورهين جي ناريءَ والدين سميت سڄي خاندان جي نفرت کڻندي 80 ورهين جي پوڙهي شخص سان شادي ڪري ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري موجب، محبت جي اها انوکي ڪهاڻي چين جي صوبي هيبي جي نرسنگ هوم ۾ شروع ٿي هئي جتي 23ورهين جي زيائوفانگ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪري رهي هئي ته ان دوران سندس ملاقات 80 ورهين جي مسٽر لي سان ٿي، مسٽر لي ۽ زيائوفانگ جون هڪجهڙيون دلچسپيون جلد ٻنهي جي دوستي جو سبب بڻجي ويون ۽ وقت سان گڏ زيائوفانگ مسٽر لي جي دانشمندي مان متاثر ٿي ڪري ساڻس محبت ڪري ويٺي ۽ ٻنهي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، زيائوفانگ جي والدين ڌيءُ جي 80 ورهين جي شخص سان شادي لاءِ راضي نه هئا پر ان باوجود جوڙي ڌار ٿيڻ بدران هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو، چيني ويب سائيٽ سوهو موجب غيرمعمولي جوڙي تازو هڪ سادي تقريب ۾ شادي ڪئي، ناريءَ جي خاندان مان ڪنهن به تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي، سوشل ميڊيا تي نوجوان ناريءَ جي هڪ پوڙهي شخص سان شادي بعد ڪيترن ئي سوالن جنم وٺي ڇڏيو، ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين الزام هنيو ته زيائو فانگ مسٽر لي سان شادي پئسن جي ڪري شادي ڪئي آهي، رپورٽس موجب مسٽر لي پنهنجو گذر سفر پينشن تي ڪندو آهي ۽ ڪنهن به ملڪيت جو مالڪ نه آهي، زيائو فانگ کي مسٽر لي سان شادي بعد مالي ذميواري به پاڻ کي کڻڻي پوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔