سرڪاري زمين خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جي الزامن بعد ڪي ڊي اي جا 2 آفيسر معطل

ڪراچي : سرڪاري زمين خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جي الزامن بعد ڪي ڊي اي جا 2آفيسر معطل ٿي ويا

 ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪامورن پاران سرڪاري زمين خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

سنڌ سرڪار ڪي ڊي اي جي ٻن ميمبرز کي معطل ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ڪي ڊي اي جو 19هين گريڊ جو ميمبر فنانس  محمد شاهد ۽ ميمبر ايڊمنسٽريٽر محمد  انور صديقي الزامن بعد معطل ٿي ويا

ذريعن موجب ڪي ڊي اي ميمبرز پاران ملير ندي جي 10ايڪڙ زمين خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔