ڀارتي ميڊيا ۾ ثانيا مرزا ۽ محمد شامي جي شاديءَ جون خبرون

ممبئي : ڀارتي ميڊيا تي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ ڪرڪيٽر محمد شامي جي شادي جون خبرون هلڻ لڳيون، رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي جي جلد ئي شادي ٿيندي، ڀارتي ويب سائيٽ “مصالحه” “ٽائيمز  نائو” ۽ “زوم” جي موجب ثانيا مرزا ۽ محمد شامي جي شادي 20 آگسٽ 2024ع تي ٿيندي

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي پبليڪيشنز جو حوالو ڏيندي چوڻ آهي ته اهو جوڙو جلد شادي ڪري سگهي ٿو، ثانيا مرزا ۽ محمد شامي جي شادي جي تاريخ جو انڪشاف ڪندڙ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جهنگ ۾ باهه جيان سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ ان خبر جي اڃا تائين ڪا به سچائي سامهون نه اچي سگهي آهي

ٻنهي ناليوارين شخصيتن طرفان خبرن جي تصديق يا ترديد به نه ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته ثانيا مرزا پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي اڳوڻي زال آهي، جوڙي جو هڪ پٽ اذهان مرزا ملڪ به آهي جيڪو پنهنجي والده سان گڏ رهندو آهي، ثانيا مرزا جي والد هلندڙ سال جي شروعات ۾ پنهنجي ڌيءُ جي شعيب ملڪ سان طلاق ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔