مردان ۾ نوجوان پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو

مردان: مردان ۾ پٽ والد ۽ ٻن ڀائرن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب واقعو مردان جي علائقي خوره بانڊه دربوڪلي ۾ پيش آيو. پوليس موجب پٽ جي فائرنگ سبب پيءُ ۽ 2 ڀائر مارجي ويا جڏهن ته ماءُ زخمي ٿي پئي. فائرنگ ڪندڙ پٽ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو رات جي وقت پيش آيو. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔