ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سپر ايٽ مرحلو: ڏکڻ آفريقا ۽ آمريڪا جون ٽيمون اڄ مهاڏو اٽڪائينديون

لنڊن:  ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي پهريون ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ آمريڪا وچ ۾ کيڏيو ويندو.

آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي جو اختتام انتهائي ڊرامائي انداز ۾ ٿيو جنهن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 جو فائنل کيڏندڙ ٽيم پاڪستان کان علاوه سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ به پهرين مرحلي ۾ ئي ٻاهر ٿي ويون.

حيران ڪندڙ طور تي پنهنجو پهريون آءِ سي سي ايونٽ کيڏندڙ ٽيم آمريڪا سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچ حاصل ڪري ورتي آهي ان کان علاوه بنگلاديش ۽ افغانستان به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

سپر ايٽ مرحلي ۾ ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ 4-4 ٽيمون شامل آهن. گروپ ون افغانستان، آسٽريليا، بنگلاديش ۽ ڀارت جڏهن ته گروپ ٽو ۾ انگلينڊ، ڏکڻ آفريقا، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون شامل آهن.

سپر ايٽ مرحلي جا ميچ اڄ 19 جون کان 25 جون تائين کيڏا ويندا. ٻنهي گروپن ۾ شامل ٽيمون 3-3 ميچ کيڏنديون ۽ هر گروپ جون 2 ٽاپ ٽيمون سيمي فائنل تائين پهچ حاصل ڪري وٺنديون. پهرين ميچ ۾ اڄ ڏکڻ آفريقا ۽ آمريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. ميچ  پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔