سپر8 مرحلي لاءِ پاڪستان جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد: اڄ شام پاڪستاني وقت موجب ساڍي 7 وڳي آمريڪا ۽ آئرلينڊ ۾ اهم ميچ کيڏيو ويندو. بارش جو امڪان 90 سيڪڙو مان گهٽجي 30 سيڪڙو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن آمريڪا کٽي ويو يا ميچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ هڪ پوائنٽ مليو ته به آمريڪا سپر 8 ۾ پهچي ويندو ۽ پاڪستان اڳئين م رحلي مان آئوٽ ٿي ويندو. جيڪڏهن آئرلينڊ ميچ کٽي ورتي ته پاڪستان کي پنهنجي آخري ميچ ۾ وڏي مارجن سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ رن ريٽ جي ڀيٽ تي پاڪستان جي سپر 8 مرحلي ۾ پهچڻ جو امڪان موجود آهي. گروپ اي مان ڀارت سپر 8 ۾ پهچي ويو آهي، گروپ بي مان آسٽريليا ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، اسڪاٽ لينڊ 3 ميچ کيڏڻ بعد 5 پوائنٽ سان ٻئي نمبر تي آهي ۽ سندس هڪ ميچ رهيل آهي. جيڪڏهن اها کٽي ويو ته سپر ايٽ م پهچي ويندو ۽ ان صورت م انگلينڊ ٻاهر ٿي ويندي. انگلينڊ جي به هڪ ميچ رهيل آهي ۽ سندس 3 پوائنٽ آهن. اڄوڪي ميچ ۾ انگلينڊ اومان کي 48 تي آل آئوٽ ڪيو ۽ 3.1 اوورز ۾ ميچ کٽي بهتر رن ريٽ سان ٽئين نمبر تي آهي. جيڪڏهن آئر لينڊ ميچ هارايو ۽ انگلينڊ وڏي مارجن سان رهيل ميچ کٽي ته پوءِ رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو. گروپ سي ۾افغانستان ۽ ويسٽ انڊيز سپر 8 ۾ پهچي ويا آهن. اڄ افغانستان پاپوا نيو گيني کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي گروپ ۾ ٽاپ تي اچي ويو آهي، هن گروپ ۾ نيوزيلينڊ سپر 8 مان آئوٽ ٿي ويو آهي. گروپ ڊي مان ڏکڻ آفريڪا اڳئين مرحلي ۾ پهچي ويو آهي ۽ بنگلاديش 4 پوائنٽ سان ٻئي نمبر تي آهي. بنگلاديش ۽ نيدر لينڊ جي هڪ هڪ ميچ رهيل آهي. جيڪڏهن بنگلاديش اها کٽي ورتي ته سپر 8 ۾ اچي ويندو پر جيڪڏهن هارائي ويو ۽ نيدرلينڊ آخري ميچ کٽي ورتي ته پوءِ رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔