سنڌ ڪابينا 3 هزار 56 ارب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا 3 هزار 56 ارب روپين جي نئين مالي سال جي بجيٽ جي تجويز منظور ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، وڏو وزير مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪندو.سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ جو اجلاس اڄ منجهند 3 وڳي ٿيندو. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، ترقياتي بجيٽ لاءِ رڪارڊ 830 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. سنڌ صوبي تعليم لاءِ 400 ارب رپيا ۽ صحت لاءِ 275 ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته امن امان جي بحالي لاءِ 170 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مخصوص پاور يونٽ مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان به ٿيندو. ياد رهي ته پنجاب حڪومت ماهوار 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔