چمن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار: چڪرين دوران 8 اهلڪارن سميت وڌيڪ 20 ڄڻا زخمي، 45 ڄڻا گرفتار

ڪوئٽه:  چمن ۾ صورتحال ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ واري آهي، مظاهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ چڪرين دوران 8 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن کان پوءِ زخمين جو انگ 60 ٿي ويو.

سيڪيورٽي فورسز مظاهري ۽ ريلين دوران سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ سيڪيورٽي اختيارين تي حملو ڪرڻ تي 45 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

سرڪاري عمارتن تي حملن ۽ تشدد سبب ڪوئٽه ۽ چمن وچ ۾ مسافر ٽرين سروس معطل آهي. چمن ۾ پاڪ افغان سرحدي گذر گاهه تي اچ وڃ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا جي شرطن خلاف گذريل ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج جاري آهي. پر 2 ڏينهن اڳ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان پوليو مهم ۾ رنڊڪون وجهڻ کان پوءِ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪار آمهون سامهون ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔