آمريڪا ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ پوليس وٽ گرفتاري دوران 46 ساله ڪاري نسل جي جارج فلوئيڊ جي مارجي وڃڻ تي مُک جوابدار پوليس آفيسر ڊيريڪ چاون کي ٻن ساٿي اهلڪارن سميت نوڪري مان هٽائڻ جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هلندڙ هفتي جي شروعات تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ۾ پوليس وٽ گرفتاري دوران هڪ شخص جي مارجي وڃڻ جو معاملو هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه تائين وڃي پهتو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس آفيسر ڊيريڪ چاون هڪ ڪاري نسل جي شخص کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ پوليس گاڏي جي ويجهو ليٽائي ان جي ڳچي تي پنهنجو گوڏو رکي ويٺو آهي. وڊيو ٺاهيندڙ شخص ۽ ٻين رستي ويندڙن پوليس آفيسر کي مذڪوره شخص جو ساهه ٻوساٽجڻ طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ تشدد جو شڪار بڻيل مذڪوره شخص به هلڪي آواز ۾ اهو چيو ته منهنجو ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي پر پوليس آفيسر هڪ به ٻڌي ايستائين جو 46 ساله شخص جي موت واقع ٿي وئي.اهو واقعو مني سوٽا رياست ۾ پيش آيو هو. شروع ۾ ته مينا پوليس پنهنجي پٽي ڀائي ڀاءُ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي مذڪوره شخص جي مارجي وڃڻ کي طبي موت قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر وڊيو وائرل ٿيڻ تي وڌندڙ دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ٿيا ۽ آفيسر کي ٻن ساٿي اهلڪارن سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي نوڪري تان هٽائڻ ۽ گرفتاري جي باوجود آمريڪا جي سمورين رياستن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي جيڪو هاڻ پرتشدد ٿيندو پيو وڃي. وائٽ هائوس جي سامهون احتجاج جي دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون.جڏهن ته سي اين اين جي رپورٽر کي گرفتار به ڪيو ويو هو. جارجيا رياست ۾ روڊن تي موجود هزارين مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين دوران پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس، رٻڙ جون گوليون ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو پر حالتون قابو ۾ نه اچڻ تي جارجيا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي لاس اينجلس ۾ به ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتاري ڪيو ويو آهي. اٽلانٽا ۾ به پرتشدد مظاهرا زور وٺندا پيا وڃن.هوڏانهن اڳوڻي پوليس آفيسر ڊيريڪ چاون جي گهر واري مذڪوره شخص جي مارجي وڃن تي وڪيل جي ذريعي پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مان هڪ نسل پرستانه ۽ سفاڪانه عمل ڪندڙ شخص سان گڏ وڌيڪ رهڻ نٿي چاهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔