والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 2 نوجوان شهيد

سري نگر: قابض ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي ڪلگام جي اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن کي بند ڪري گهر گهر تلاشي ورتي. ان دوران فائرنگ ڪري ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو.جڏهن ته لاشون به وارثن جي حوالي ناهن ڪيون ويون. قابض ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. عورتن جي بيعزتي ڪئي وئي. بزرگن ۽ ٻارن کي هراسان ڪيو ويو ۽ نوجوانن کي تشدد جو نشانو بنايو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي نوجوانن کي غيرقانوني طور تي گرفتار به ڪيو ويو. ڀارت نواز ڪٺ پتلي انظاميه روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي شهيد ٿيندڙ معصوم ۽ هٿين خالي نوجوانن کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن وارثن ۽ علائقي جي رهواسين عدالت کان مٿانهين قتل جون شاهديون پيش ڪري ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويدار ڀارت مسلمانن جي مقدس مهيني ۾ مذهبي آزادي تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ رمضان ۾ به نوجوانن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو جڏهن ته بنيادي انساني حق پهريان ئي معطل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔