مملڪتي وزير شهريار آفريدي به ڪورونا وائرس جو شڪار

اسلام آباد: مملڪتي وزير شهريار آفريدي به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.مملڪتي وزير سوشل ميڊيا جي ذريعي ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ۽ مان پاڻ کي ڊاڪٽرن جي هدايتن تي پنهنجو پاڻ کي گهر تي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.شهريار آفريدي چيو آهي ته رب پاڪ کان دعا آهي ته هن ملڪ کي موذي وبا کان محفوظ بنائي ۽ وزيراعظم عمران خان کي سرخرو ڪري.هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون زلفي بخاري شهريار آفريدي جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب هنيئر تائين 65 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن جنهن مان 1379 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔