ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيزهوائن سان گڏ برسات

اسلام آباد: پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن سميت گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ تيز طوفان سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. جڏهن ته سنڌ صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.هنزه ۾ گرمي ۾ واڌ سان گڏ ئي شيسپر گليشير پگهرجڻ سبب حسن آباد نالي ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ڊي ايم اي گلگت بلتستان موجب گذريل 2 سالن کان شيسپر گليشيئر جي سرڪڻ جو عمل جاري آهي ۽ گليشير جي اندر ننڍيون ننڍيون جهيلون به بڻجي ويون آهن.ڊي ايم اي گلگت بلتستان ٻڌايو آهي ته پاڻي جي وهڪري سبب قراقرم روڊ جو تقريبن 50 ميٽر جو حصو ۽ تعمير هيٺ بجلي جو گهر به وهي ويو. حسن آباد ڳوٺ جي 9 گهرن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪوهه سليمان جي پهاڙي سلسلن ۾ تيز برسات کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي آهي. بلوچستان ۾ به ڊيره بگٽي جي يوسي پهيلاوع ۾ ٻوڏ وهڪري سبب گاڏي ۾ سوار 7 ڄڻا لڙهي ويا.ليويز اختيارين موجب ٻوڏ وهڪري ۾ 3 ڄڻن جون لاشون ۽ 2 کي زنده ڪڍيو ويو. فوت ٿي ويلن ۾ ڏاڏو ۽ پوٽو به شامل آهي.پنجاب ۾ فيصل آباد، گوجره، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ڪماليه، ملتان جڏهن ته سنڌ جي شهرن پڊعيدن ۾ ٿيندڙ تيز برساتن کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته طوفان ۽ تيز برساتن سبب ملتان، مظفر ڳڙهه، رحيم يار خان ۽ ٻين علائقن ۾ به بجلي معطل ٿي وئي آهي.موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، حيدرآباد، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ تيز هوائون هلڻ کان علاوه برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔