ملڪ ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو پيو وڃي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي مقامي منتقليءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي، 24 ڪلاڪن ۾ 4 هيلٿ ورڪرز سوڌو 78 مريض حياتي وڃائي ويٺا، صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ملڪ ۾ مقامي منتقليءَ جا ڪيسز 92 سيڪڙو ٿي ويا، هاڻي ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو پيو وڃي، بازارن، مسجدن ۽ ٽرين جي سفر دوران ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران ظفر مرزا وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾24ڪلاڪن دوران 78 ماڻهو فوت ٿيا آهن، مقامي سطح تي ڪورونا جا 92 سيڪڙو ڪيسز آهن، ڪورونا صورتحال ۾ ماسڪ کي لازمي قرار ڏئي رهيا آهيون، مسجدن، بازارن توڙي سفر دوران ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، هن چيو ته هيل تائين 86 هزار 756 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا ۾ هيل تائين هڪ هزار 395 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔