جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويل 74 ڄڻن جا لاش وارثن جي حوالي

ڪراچي: ڪراچي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويلن 97 ڄڻن مان 74 ڄڻن جا لاش سڃاڻپ کان پوءِ سندن وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

ڊي آءِ جي ايسٽ نعمان صديقي موجب ڪراچي جهاز حادثي ڪيس ۾ هينئر تائين 74 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ  مذڪوره لاش سندن وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت ايدهي مرده خاني ۾ 14 جڏهن ته ڇيپا مرده خاني ۾ 9 لاشون موجود آهن.

35 لاشن کي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ هڪ ڊي اين اي جو نمونو رد ٿيو آهي جنهن جو ٻيهر نمونو ورتو ويندو. ٻئي طرف حادثي ۾ فوت ٿي ويل هڪ نوجوان مرزا وحيد بيگ جا وارث ان ڪري پريشان آهن ته   نه ته نوجوان جو لاش سندن حوالي ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪو ماڻهو ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.

مرزا وحيد بيگ جي ڀيڻ عنبر حسيب  چيو آهي ته لاڳاپيل اختيارين طرفان ڪڏهن هڪ آفيس ته ڪڏهن ٻئي آفيس ڊوڙايو پيو وڃي، ڪو به ذميواري وٺڻ جي لاءِ تيار ناهي الٽو وارثن سان بدتميزي ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔