حماس سان جنگبندي ڪئي ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، اتحادين جي اسرائيلي وزيراعظم کي ڌمڪي

غزه: اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حڪومت جي مخالف ڌر جي 2 وزيرن ۽ اتحادين حماس سان جنگبندي معاهدي جي صورت ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

نيتن ياهو حڪومت ۾ شامل نيشنل سيڪيورٽي جي وزير ايتماربن غفير ۽ ناڻي واري وزير بيزائيل سموٽرڇ اسرائيلي وزيراعظم کي ڌمڪي ڏني آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي مڪمل خاتمي کان اڳ جنگبندي ڪئي وئي ته هو حڪومت کان ڌار ٿي ويندا

اسرائيلي نيشنل سيڪيورٽي جي وزير ايتماربن غفير چيو آهي ته اسان حماس کي تباهه ڪرڻ ۽ يرغمالين جي واپسي کان سواءِ ٿيندڙ ڪنهن به سمجهوتي جو حصو نه بڻجنداسين.

هنن جو چوڻ هو ته حماس کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به قسم جي سمجهوتي جو مطلب دهشتگردي جي فتح ۽ اسرائيل جي شڪست هوندي.

ٻئي طرف اسرائيلي اپوزيشن اڳواڻ يائرليپڊ حماس سان جنگبندي معاهدي جي صورت ۾ نيتن ياهو جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جوبائيڊن غزه ۾ مستقل جنگبندي ۽ اسرائيلي فوج جي نڪرڻ لاءِ 3 مرحلن تي ٻڌل نئون جنگبندي معاهدو تجويز ڪيو هو جنهن کان پوءِ نيتن ياهو حڪومت تي جنگبندي لاءِ عالمي دٻاءُ وڌي ويو آهي جڏهن ته اسرائيل جي اندر به نيتن ياهو حڪومت جي خلاف وڏي پيماني تي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔