9 مئي جي جوابدارن کي سزا نه ملي ته ملڪ سازشين وٽ يرغمال رهدندو: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو عزم ورجايو ويو آهي. آرمي چيف خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي جي جوابدارن خلاف فوري، شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف ڪاروائي نه ٿين سبب ملڪ سازشي عنصرن وٽ يرغمال رهندو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. پاڪستان جي فوج شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ آزادي جي لاءِ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪستاني شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ ملٽي ڊومين خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. فارميشن ڪمانڊر ڪانفرنس جي پڌرائي موجب پاڪستاني قوم ڪوڙ ي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ناپاڪ ارادن کان پوري طرح واقف آهي پر انهن ناپاڪ ارادن کي ضرور ناڪام بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پروپيگنڊا ڪندڙن کي پرڏيهي اسپانسرڊ پراڪسيز جي مدد حاصل آهي، ان حمايت جو مقصد بلوچستان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقي کان پري رکڻ آهي. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن، جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مختلف مشقن دوران فارميشنز جي اعليٰ ۽ معياري تربيت سان گڏ دهشتگردي خلاف آپريشنز ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ هر وقت فارميشنز جي اعليٰ حوصلي ۽ آپريشنل تيارين جي تعريف ڪئي. فورم ان ڳالهه کي ورجايو ته قومي سلامتي ۽ استحڪام کي درپيش خطرن کي قوم جي ڀرپور حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو ۽ يوم تڪبير تي پاڪستان جي سنگ ميل جي ڪاميابي ۽ خطي تي ان جي مستحڪم اثرن کي ساراهيو. فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ افغان سرحد جي مسلسل خلاف ورزين، افغان سرزمين استعمال ڪندي دهشتگردي جي رٿابندي تي سخت تحفظات جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اندر دشمن سيڪيورٽي فورسز افغانستان کي استعمال ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب فورم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نون ضم ٿيل ضلعن جي عوام جي لازوال قربانين کي ساراهيو ۽ دهشتگردي کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ لاءِ نون ضم ٿيل ضلعن جي ترقي جي اهميت تي به زور ڏنو ته جيئن ٻاهرئين سطح تي پروپيگنڊا کي منهن ڏئي سگهجي. فورم اوڀر سرحد تي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي ماورائي عدالت قتل جي تازين واقعن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي جي قراردادن موجب حق خوداراديت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس هندستان ۾ وڌندڙ فاشزم ذريعي اقليتن، خاص ڪري مسلمانن سان ٿيندڙ غير انساني سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي ۽ عالمي عدالت انصاف جي فيصلي جي حمايت ڪئي جنهن ۾ رفح آپريشن ۽ غزه جي اندر ٻين سمورن آپريشنز کي بند ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب فورم غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ حڪومتي قدمن جي مڪمل حمايت جو عزم ڪيو ۽ اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ حڪومتي قدمن جي مڪمل حمايت جو واعدو ڪيو. فورم هڪ دستاويزي نظام لاءِ حڪومت جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ غير قانوني مهاجرن جي باوقار وطن واپسي لاءِ حڪومتي قدمن جي مڪمل حمايت کي ورجايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔