موسميات کاتي ملڪ ۾ جون کان آگسٽ تائين معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد پاڪستان ۾ هلندڙ سال جون کان آگسٽ تائين مختلف هنڌن تي معمول کان وڌيڪ چوماسي جون برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب معمول کان وڌيڪ برساتن جو وڌيڪ امڪان اوڀر ۽ اتر پنجاب ۾ ٿيندو جڏهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتون پئجي سگهن ٿيون جنهن سبب دريائن ۾ ٻوڏ صورتحال جڏهن ته شهرن ۾ به خطرو آهي

موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ به هلندڙ سال معمول کان  ڪجهه وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد هجڻ سبب خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برف پگهرجڻ جو عمل تيز  ٿيندو.

موسميات کاتي موجب چوماسي جي ٻئي مرحلي جي مقابلي ۾ پهرين مرحلي ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔