عمران خان پنجاب حڪومت طرفان سنگين ڪيسز جي منظوري جو قدم چيلينج ڪري ڇڏيو

لاهور: پي ٽي آءِ باني پنجاب حڪومت طرفان سنگين ڪيسز جي منظوري جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ باني لطيف کوسو جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ پنجاب حڪومت، آءِ جي، گهرو وزارت سميت ٻين ڌر کي بنايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني اڳوڻو وزيراعظم ۽ باعزت شهري آهي جيڪو هن وقت مختلف ڪيسز ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. پنجاب حڪومت پي ٽي آءِ باني سميت ٻئي قيادت تي سنگين ڪيسز جي منظوري ڏني آهي، پنجاب ڪابينه جو اهو قدم آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي.

هن استدعا ڪئي ته عدالت پنجاب حڪومت طرفان سنگين ڪيسن جي منظوري جي قدم کي ڪالعدم قرار ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔