صدارتي ڇوٽ: صدر آصف زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي روڪي وئي

اسلام آباد:  صدر آصف زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي کي روڪيو ويو آهي.

بينڪنگ ڪورٽ ۾ صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جي خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. صدر آصف زرداري جي وڪيل چيو ته جيستائين آصف زرداري صدر آهي ان جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي جنهن تي عدالت چيو ته جيستائين آصف زرداري صدر آهي انهي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي.

ٻڌڻي دوران فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش نه ٿي سندس طرفان سندس وڪيل درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فريال ٽالپر اسيمبلي اجلاس سبب مصروف آهي ان ڪري حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت صدر آصف زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل هجڻ سبب ڪيس ڊي ڪلاس ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔