شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري ظاهر ،آزاد ڪشمير ۾ نظربند

اسلام آباد : وفاقي حڪومت اسلام آباد مان گم ٿيل شاعر ۽ صحافي احمد فرهاد کي 15 ڏينهن کانپوءِ گرفتار ظاهر ڪري ڇڏي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني شاهد احمد فرهاد جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،احمد فرحاد جي گهرواري طرفان ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي، جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان اٽارني جنرل پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته احمد فرهاد آزاد ڪشمير پوليس جي حراست ۾ آهي.اٽارني جنرل عدالت ۾ ٿاڻي دهير ڪورٽ آزاد ڪشمير جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔