آمريڪي اداڪار جوني وڪٽر ڦر جي مزاحمت دوران قتل

واشنگٽن : آمريڪي اداڪار جاني وڪٽر ڦر دوران مزاحمت جي نتيجي ۾ زندگي وڃائي ويٺو.پرڏيهي ميڊيا موجب 37 ورهين جي اداڪار کي گذريل هفتي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ گوليون لڳيون هيون، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي ڪجهه دير کانپوءِ سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪارا جي ماءُ جو چوڻ آهي ته 3 نقاب پوش چور سندس پٽ جي ڪار جا پارٽس چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پٽ اتي پهتو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.مقامي پوليس به اداڪار جوني وڪٽر جي گاڏي مان پرزا چوري جي ڪوشش جي تصديق ڪندي چيو آهي ته گاڏي مان ڪيٽيليٽڪ ڪنورٽر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پوليس موجب جوابدارن مان هڪ جوابدار اداڪاره تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد 3 جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔