گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار

ممبئي : ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻو ڪرڪيٽر گوتم گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.ميڊيا رپورٽن موجب گوتم گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ ڪوچنگ جي حوالي سان ابتدائي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ ڪوچنگ جي معاملي تي تبصرو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي بورڊ هيڊ ڪوچ جي ڳولا ۾ آهي ۽ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 مئي هئي.ٽي 20 ورلڊ ڪپ راهول دراوڙ جي آخري اسائنمينٽ آهي، ڀارتي بورڊ پرڏيهي جي بدران مقامي هيڊ ڪوچ جي حق ۾ آهي.ڪولڪتا نائيٽ رائڊرز تازو ئي گوتم گمڀير جي ڪوچنگ هيٺ آئي پي ايل کٽي ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔