چيني سائنسدانن شگر جو ڪامياب علاج ڳولي ورتو

ڪراچي: چين جي سائنسدانن شگر يعني ڊائيبيٽڪس جو ڪامياب علاج ڳولي ورتو آهي. چيني سائنسدانن 59 سالن جي شگر جي هڪ مريض کي سيل ٿراپي ذريعي ان دائمي مرض مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جنهن جا نتيجا هاڻي جاري ڪيا ويا آهن. مريض جو 2021 ۾ علاج شروع ڪيو ويو هو ۽ 2022 کان ان مريض دوا کائڻ بند ڪئي آهي ۽ سندس ٽيسٽ به نارمل آيا آهن. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ ۾ اها پيش رفت رپورٽ ٿي آهي. هن تجرباتي علاج ۾ پينڪرياز ۾ مصنوعي سيلز ٺاهيا ويا جن انسولين پيدا ڪئي ۽ رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 59 سالن جي جنهن مريض تي اهو علاج آزمايو ويو، هو 25 سالن کان ٽائيپ 2 شگر جو مريض آهي. سندس پينڪرياٽڪ سيلز تقريبن مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا هئا ۽ کيس سنگين پيچيدگين جو خطرو هو جنهن سبب هو روزانو دوا وٺندو هو ۽ ڪيترائي انسولين انجيڪشن لڳندا هئا. شنگھائي چانگزينگ اسپتال جي محققن ھي علاج تيار ڪيو آهي۽ هنن ٻڌايو ته مريض ۾ شگر جي سنگين پيچيدگين جو خطرو تمام گھڻو وڌي ويو هو جنهن ڪري اسان هي تجرباتي علاج مٿس آزمايو. رپورٽ موجب جولاءِ 2021 ۾ مريض ۾ سيلز ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، 11 هفتن کان پوءِ کيس انسولين جي انجيڪشن جي ضرورت نه رهي. وات ذريعي جيڪي دوائون کائيندو هو انهن جي به بعد ۾ کيس ضرورت پيش نه آئي. جنهن بعد به مريض جي نظرداري ڪئي وئي ۽ ٽيسٽن ۾ ثابت ٿيو ته سندس جسم ۾ لبلبو ٺهي پيو ۽ هڪ سال بعد هن دوائون کائڻ به بند ڪيون. هاڻي هي مريض 33 مهينن کان بنا شگر جي بيماري جي جيئرو آهي. هن علاج لاءِ محققن مريض جي رت جي مونو نيوڪليئر سيلز کي پينڪرياٽڪ سيلز ۾ تبديل ڪيو. هن استڊي جا نتيجا جرنل سيل ڊسڪوري ۾ شايع ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔