پيٽرول 7.50، ڊيزل 6.25 روپيه سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد:  عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي جي رجحان سبب پاڪستان ۾ به پيٽرول جي في ليٽ قيمت ۾ 7.50 روپيه گهٽتائي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 6.25 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3.25 ڊالر ۽ 2.10 ڊالر في بيرل جي گهٽتائي واقع ٿي آهي.

ياد رهي ته هن وقت پيٽرول جي في ليٽر قيمت 273 روپيه 10 پئسا ۽ في ليٽر ڊيزل 274 روپيه 8 پئسن ۾ دستياب آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔