عدالت پاران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کان معذرت

اسلام آباد جي عدالت عدت نڪاح ڪيس ۾ سزائن خلاف پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

 هاءِ ڪورٽ کي اپيلن جي ٻڌڻي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست  ڪئي وئي آهي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد کي اڄ عدت نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻو هو

 بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي ٻيو ڀيرو عدالت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو

جج شاهه رخ ارجمند هاءِ ڪورٽ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته بي اعتمادي جي درخواست اڳ ۾ خارج ڪئي وئي هئي، خاور مانيڪا پاران ٻيهر بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ درست نه هوندو

اپيلن جي ٻڌڻي ڪنهن ٻي عدالت منتقل ڪئي وڃي، اڄ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ لاءِ عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته خاور مانيڪا ٻيو ڀيرو به عدالت تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، جنهن بعد جج محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کانسواءِ اٿي ويو ۽ ڪيس جي منتقلي لاءِ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔