سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جو بجيٽ وفاق کان به وڌيڪ، 30 ارب روپيه رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت مالي سال 25-2024 جي اعليٰ تعليم جي بجيٽ کي 22 ارب روپين مان وڌائي 30 ارب روپيه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي تجويز سمري جي صورت ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. اهڙي طرح سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو بجيٽ وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن کان به وڌيڪ ٿي ويندو. جڏهن ته وفاقي هائر ايجوڪيشن جو بجيٽ 65 ارب روپين روپين مان گهٽ ڪري 25 ارب روپيه ڪيو پيو وڃي.

بجيٽ تجويزون ٺاهيندڙ هڪ وائس چانسلر ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي جي يونيورسٽين جي چڱي ريت خبر آهي ان لاءِ سنڌ ۾ بجيٽ کي 22 ارب روپين مان وڌائي 30 ارب روپيه ڪيو پيو وڃي، پر هاڻ صورتحال مختلف ٿي وئي آهي ڇو ته وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن هن سال صوبن کي بجيٽ نه ڏيندو. گذريل سال  هائر ايجوڪيشن طرفان  سنڌ جي يونيورسٽين کي 13 ارب روپيه ڏنا ويا هئا جيڪي هاڻ نه ملندا ان لاءِ سنڌ حڪومت کي بجيٽ ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته صرف ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بجيٽ 4 ارب روپيه آهي، جڏهن ته اين اي ڊي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي بجيٽ 2 ارب روپين کان وڌيڪ آهي.

ٻئي پاسي وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان صوبائي يونيورسٽين کي بجيٽ نه ڏيڻ خلاف سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جو اجلاس ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري اڄ اربع 29 مئي تي 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر فتح مري ٻڌايو ته سنڌ ۾ 27 سرڪاري يونيورسٽيون آهن ۽ سنڌ حڪومت طرفان بجيٽ ۾ اضافي جي باوجود جيستائين وفاقي گرانٽ  نه ملندي ان وقت تائين مسئلو حل نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔