نواز شريف نواز ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو

لاهور: اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 6 سالن کانپوءِ ٻيهر پارٽي صدر بڻجي ويو

(ن) ليگ جي اڳوڻي صدر شهباز شريف جي استعيفيٰ کانپوءِ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ پارٽي صدر جي عهدي لاءِ نواز شريف جا 8 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا

نواز شريف جي چئن صوبن مان الڳ الڳ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا

نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد مان به جمع ڪرايا ويا

خيبرپختونخواهه مان امير مقام ۽ بلوچستان مان سردار يعقوب نواز شريف جا ڪاغذ جمع ڪرايا

پارٽي صدر جي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت صبح 10 وڳي کان 12 وڳي تائين هو، جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 2 وڳي تائين ڪئي وئي

پارٽي چيف اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُ الله سفارش ڪندڙن ۽ تائيد ڪندڙن کي طلب ڪري ورتو ۽ نواز شريف جا ڪاغذ چيڪ ڪيا ويندا بعد ۾ نواز شريف جا پارٽي صدارت لاءِ ڪاغذ منظور ڪيا ويا ۽ هو بنا مقابلي (ن) ليگ جو صدر چونڊجي ويو

واضح رهي ته 28 جولاءِ 2017 تي پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نواز شريف پارٽي صدر سميت وزارت عظميٰ کان محروم ٿي ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔