بجيٽ جو 64 سيڪڙو قرضن جي واپسي تي خرچ

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب بجيٽ جو 64 سيڪڙو قرضن جي واپسي تي خرچ ڪيو ويو آهي.دستاويز موجب قرضن جي واپسي تي خرچن ۾ واڌ جو وڏو سبب شرح سود آهي، رڳو سود جي ادائيگي تي 402 کرب رپيا خرچ ڪيا ويا.گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران سود جي ادائيگي تي 2.6 ٽريلين رپيا خرچ ڪيا ويا، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 65 سيڪڙو وڌيڪ آهي.ناڻي واري وزارت هلندڙ مالي سال ۾ قرضن ۽ سود جي ادائگي لاءِ 7.3 کرب رپيا رکيا آهن، بجيٽ جو 58 سيڪڙو قرضن ۽ سود جي ادائيگين لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، 80 سيڪڙو مقامي ۽ بين الاقوامي قرضن تي خرچ ڪيو ويندو آهي هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ موجوده خرچن جو 65.3 سيڪڙو سود جي ادائيگي تي خرچ ڪيو ويو.ملڪي قرضن جي واپسي تي 3.72 کرب رپيا خرچ ٿيا جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي واپسي تي 502 ارب رپيا خرچ ٿيا، ترقياتي پروگرام لاءِ مختص 950 ارب رپين مان صرف 158 ارب رپيا خرچ ٿيا. حڪومت کي مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ترقياتي پروگرام تي 50 سيڪڙو خرچ ڪرڻا آهن.وفاقي حڪومت جو مالي خسارو 2.7 ٽريلين رپيا يعني جي ڊي پي جي 2.5 سيڪڙو جي برابر ٿي ويو، گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ مالياتي خسارو 1.78 ٽريلين رپيا يعني جي ڊي پي جو 2.1 سيڪڙو هو، صوبن جو ڪيش سرپلس گذريل سال 289 ارب 101 ارب رپيا هئا.وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو جي ڊي پي جو 2.3 سيڪڙو هو، گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو 2 سيڪڙو هو، مالياتي خساري جو 77 سيڪڙو مقامي ذريعن مان پورو ڪيو ويو.جولاءِ کان ڊسمبر 2023 تائين، وصولين ۾ 63 سيڪڙو، ٽيڪس روينيو ۾ 30 سيڪڙو ۽ نان ٽيڪس روينيو ۾ 117 سيڪڙو اضافو ٿيو.هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ پاڪستان جي مجموعي آمدني 4 کرب رپين کان وڌيڪ هئي، گذريل سال پاڪستان جي ڪل آمدني 2.5 کرب رپيا هئي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران پرائمري سرپلس 1.8 ٽريلين رپيا رهيو.هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر جي آمدني 30 سيڪڙو کان وڌي 4.5 ٽريلين رپيا ٿي وئي، جنهن دوران نان ٽيڪس آمدني ۾ 66.8 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي آمدني کان 117 سيڪڙو وڌيڪ آهي. دفاع لاءِ مختص ڪيل بجيٽ جو 42 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔