وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي متحده عرب امارات روانو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم سان گڏ ڪابينه جي اهم وزيرن تي ٻڌل وفد به شامل آهي. وزيراعظم جي پنهنجي چونڊ کان پوءِ اهو متحده عرب امارات جو پهريون دورو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي دوري دوران متحده عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات جو امڪان آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سرمائيڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔