بشام حملي ۾ مارجي ويل چائنيز جي وارثن کي امدادي پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بشام حملي ۾ مارجي ويل چائنيز جي وارثن کي امدادي پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي اڄ چائنيز جي وارثن جي لاءِ امداد پيڪيج جي منظوري سميت 10 نڪاتي ايجنڊا جو جائزو وٺندي. اي سي جو اجلاس شام 3 وڳي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اجلاس ۾ روز ويلٽ هوٽل، نيويارڪ کي پيش ايندڙ مالي مشڪلات سبب حڪومتي سپورٽ جي فراهمي جي منظوري جو امڪان آهي. روز ويلٽ هوٽل جي مالي مدد جي لاءِ فنڊز جي فراهمي تي غور ٿيندو.

اجلاس ۾ ايرا جي لاءِ هڪ ارب 2 ڪروڙ 79 لک روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري جو به امڪان آهي. جڏهن ته سوئي سدرن گيس ڪمپني کي پي ايس ايم کي گيس جي سپلاءِ لاءِ فنڊز جي جاري جي منظوري جو به جائزو ورتو ويندو.

اي سي سي جي اجلاس ۾ گهرو وزارت جي لاءِ 6 ڪروڙ 40 لک روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽس جي 2 سمرين جو به جائزو ورتو ويندو.

اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ ريگوليشن اين ڪوآرڊينيشن جي اداري فيڊرل ڊائريڪٽريٽ آف ايميوٽائزين کي 12 ارب 3 ڪروڙ 61 لک روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ فراهم ڪرڻ جي منظوري جو به امڪان آهي. پاور ڊويزن جي لاءِ 2 ارب 21 ڪروڙ 70 لک روپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ فراهمي ڪرڻ جي منظوري  جو به امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔